جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد پٽ سميت گرفتار

0Shares

اسلام آباد(بيورو) جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي عدالت جي ڪمري ٻاهريان گرفتار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ اومني گروپ جو مالڪ انور مجيد ۽ ان جا 4 پٽ عدالت سامهون پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت انور مجيد جي وڪيل شاهد حامد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان انور مجيد کي گرفتار ڪرڻ جو چيو نه گرفتاري روڪڻ جا حڪم ڏنا. چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي انور مجيد کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪري ڇڏي، اهو ان جو ڪم آهي ته ڇا ٿي ڪري. وڪيل شاهد حامد ان موقعي تي عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ آهن ۽ اهي ٻاهر نٿا وڃي سگهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته انهن جا نالا ڪنهن اي سي ايل ۾ رکڻ لاءِ چيو؟ ڊي جي ايف آءِ اي ان موقعي تي چيو ته عدالتي حڪم ۾ موجود آهي ته انهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. انور مجيد جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته وقت ڏنو وڃي، اسان ان تي بحث ڪنداسين. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان جي آءِ ٽي جوڙي آهي، ڪنهن کي بحث ڪرڻو آهي ته اچي وڃي. عدالت انور مجيد ڪٽنب کي ٿيندڙ جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. انور مجيد ۽ سندس 4 ئي پٽ عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪتا ته ايف آءِ اي انور مجيد ۽ ان جي پٽ عبدالغني کي گرفتار ڪري ورتو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں