آغا سراج دراني ٻيهر سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو، ريحانا لغاري ڊپٽي اسپيڪر منتخب

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي آغا سراج دراني 96 ووٽ کڻي ٻيهر اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ ريحانه لغاري 98 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي، سندن مقابلي ۾ اپوزيشن پاران نامزد ڪيل اسپيڪر جو اميدوار جاويد حنيف 59 ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار رابعه اظفر 59 ووٽ کڻي شڪست کاڌي، اسپيڪر جي اليڪشن ۾ اپوزيشن جا ٻه ووٽ جڏهن ته پيپلز پارٽي جو هڪ ووٽ رد ٿيو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن جي ڪاميابي تي ايوان جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي اٿيو جڏهن ته ايوان ۾ موجود ميمبرن ڊيسڪون وڄائي آغا سراج دراني ۽ ريحانه لغاري جي ڪاميابي تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو، لبيڪ پاڪستان جي ٽن چونڊيل ميمبرن يونس سومرو، محمد قاسم ۽ ثروت فاطمه ووٽن ۾ حصو نه ورتو ۽ هو پنهنجي سيٽن تي ويٺا رهيا. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه صبح جو 10 بجي مقرر وقت کان منو ڪلاڪ دير سان 10 وڄي 45 منٽن تي پرزائيڊنگ آفيسر مير نادر علي خان مگسي جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي آغاز ۾ هن سنڌ اسيمبلي جي ٽن چونڊيل ميمبرن علي مردان شاهه، علي نواز خان مهر ۽ سيد ذوالفقار علي شاهه کي حلف کڻايو انهن ميمبرن گذريل سومر ڏينهن نئين چونڊيل ايوان جي پهرين ڏينهن تي حلف نه کنيو هو. حلف برداري بعد پرزائيڊنگ آفيسر جي هدايت تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ پولنگ وارو عمل شروع ڪرايو ويو ۽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ميمبرن جا نالا ترتيبوار سڏڻ شروع ڪيا، اليڪشن لاءِ اسپيڪر جي سيٽ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا هئا جڏهن ته بيلٽ باڪس اسپيڪر جي نشست جي وچ ۾ رکيو ويو هو، پهريون ووٽ پيپلز پارٽي جي عبدالعزيز جوڻيجو ڪاسٽ ڪيو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن ۾ سيد ناصر حسين شاهه، آغا سراج دراني ۽ خرم شير زمان جاويد حنيف جا پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا، ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي به اهي ئي پولنگ ايجنٽ رهيا، اليڪشن وقت پرزائيڊنگ آفيسر پاران ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ته پولنگ بوٿ اندر ڪو به ميمبر موبائل فون نه کڻي ويندو، پولنگ دوران سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي ليبڪ پاڪستان جي يونس سومرو جو ٻه دفعا نالو ورتو پر هو پنهنجي سيٽ تان اٿي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه آيو اهڙي طرح پي ٽي آءِ جو نامزد گورنر عمران اسماعيل به ايوان مان غير حاضر رهيو ۽ هن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. آغا سراج دراني لاڳيتو ٻيو دفعو اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چونڊجي ويو، اسپيڪر جي چونڊ ۾ 158 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ڳجهي راءِ شماري جو طريقو اختيار ڪيو ويو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد جڏهن پرزائيڊنگ آفيسر مير نادر مگسي پاران نتيجن جو اعلان ڪيو ويو ته سڄو ايوان جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي اٿيو ۽ ايوان ۾ موجود ميمبرن به خير مقدمي انداز ۾ ڊيسڪون وڄائي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو، بعد ۾ آغا سراج دراني کان پرزائيڊنگ آفيسر مير نادر مگسي حلف کڻايو جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي ڪاميابي بعد ان کان اسپيڪر آغا سراج دراني حلف کڻايو. ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن ۾ ريحانه لغاري کي اسپيڪر آغا سراج دراني کان ٻه ووٽ وڌيڪ مليا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کي هڪ ووٽ اپوزيشن پاران مليو ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا 97 ميمبر آهن. اجلاس دوران نئين چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ايوان ۾ جمهوري روايتن موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۽ ان نتيجي ۾ اسپيڪر جي منصب تي آغا سراج دراني ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تي ريحانه لغاري جي ڪاميابي تي انهن کي مبارڪباد پيش ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ايوان جي سربراهه طور اهي ٻئي شخصيتون جمهوري ۽ پارلياماني روايتن جي استحڪام ۽ فروغ لاءِ ڪم ڪنديون. نامزد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هي سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون دفعو ٿيو آهي ته اسپيڪر جي منصب تي آغا سراج دراني لاڳيتو ٻيو دفعو منتخب ٿيو آهي. هن چيو ته اسان کي آئين موجب هلڻو آهي، هن ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هو پنجون دفعو منتخب ٿيو آهي، ٻيو سينيئر ميمبر به ڪيترائي دفعا چونڊجي آيا آهن. هن چيو ته اهو دور به هو جڏهن اپوزيشن جي هڪ به قرارداد منظور نه ڪئي ويندي هئي، هن ايوان ۾ اسان جي ڪالاباغ ڊيم خلاف قرارداد پڻ منظور ٿيڻ نه ڏني وئي هئي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته حلف جي موقعي تي گئلرين مان هميشه نعرا لڳندا آهن، اسپيڪر جي چيئر جو تقدس هجڻ گهرجي. هن چيو ته خواجه اظهار ماضي جون غلطيون تسليم ڪري، اسان جي ووٽرز جو اسان تي حق آهي ته صوبي جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. نئين چونڊيل اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته آئون الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کي عزت ڏني. هن چيو ته 13 آگسٽ تي ڪيترائي ماڻهو بغير پاسن جي اسيمبلي ۾ اچي ويا، خوشي جي موقعي تي ائين ٿيندو آهي پر ان باوجود انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته غلط لفظن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، نون ميمبرن کي سيکارڻو ۽ انهن کان سکڻو به آهي. هن چيو ته خرم شير زمان منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي مون ڪيترائي دفعا هن کي گهر تي ماني جي دعوت ڏني پر هي نه آيو پر مون هن کي يقين ڏياريو ته ماني ۾ ڪجهه نه ملائيندس. ايوان ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد پنهنجي خير مقدمي تقرير ۾ پ پ جي ميمبر سيد سردار شاهه چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي قربانين سبب سنڌ مان ڪامياب ٿي آهي، اسان جي جماعت اندروني ۽ بيروني قوتن جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آئنده ڪنهن کي به هن ايوان تي ميري نظر رکڻ جي همٿ نه ٿيندي، اميد آهي ته ايوان ۾ اپوزيشن جي بزنس کي به آندو ويندو ۽ ايوان اندر سڀني ميمبرن کي برابر جو حق ڏنو ويندو. هن چيو ته اسپيڪر جو چونڊجڻ اسان جي شهر شڪارپور لاءِ به اعزاز آهي. ايوان ۾ نعريبازي بجاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته ايوان اندر بينظير ڀٽو جا نعرا ته لڳايا ويندا آهن پر ان جي تعليمات تي عمل ناهي ڪيو ويندو. ميثاق جمهوريت ۾ لکيل آهي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين قائد حزب اختلاف جي مشاورت سان نامزد ڪيو ويندو. نواز شريف ته ان تي عمل ڪيو پر پيپلز پارٽي ان کي فراموش ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين اپوزيشن مان نه آندو، اسان جي توهان کي گذارش آهي ته سيشن منصفاڻي انداز ۾ هلايو وڃي، پي ٽي آءِ جي ميمبر حليم عادل شيخ چيو ته اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته جمهوري انداز ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وارو عمل مڪمل ٿيو اميد آهي ته حڪومت اسان جي تنقيد کي اسان جو حق سمجهي، اسان تنقيد براءِ تنقيد نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان اهڙو ايوان چاهيون ٿا ته جيئن عدليه کي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڪميشن نه جوڙڻي پوي، اسان عوام جا سڀ مسئلا هتان حل ڪريون. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ جي عوام ڇهين وڳي تائين اسان کي ووٽ ڏنو ۽ ڀرپور سپورٽ ڪئي پر شام جو 6 وڳي بعد جن فرشتن ووٽ ڏنا انهن کي سلام آهي. هن پ پ ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته توهان ته پنهنجي تڪن ۾ نه پيا وڃي سگهو، هن نئين سنڌ حڪومت کي چيو ته اپوزيشن کي گڏ کڻي هلو. نصرت سحر عباسي پهرين ئي ڏينهن پيپلز پارٽي کي خبردار ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن ڪنهن ذاتي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مخالف ڌر پاران ڀرپور جواب ايندو پر اپوزيشن پاران اڳرائي نه ٿيندي. جي ڊي اي جي ميمبر حسنين مرزا چيو ته مان هن وقت تائين پريشان آهيان ته شام جو 6 وڳي کان بعد وڏا وڏا ماڻهو ڪيئن هارائي ويا، پيپلز پارٽي جي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي گذريل اسيمبلي ۾ مخالف ڌر کي ان جو حق ڏنو، اپوزيشن جا ڪيترائي بل ۽ ٻي قانونسازي منظور ڪئي وئي. پ پ جي سيده شهلا رضا چيو ته هر عورت جو عزت نفس به ايترو ئي هوندو آهي جيترو مرد جو مقدس ايوان ۾ عورت ۽ مرد وچ ۾ ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ اعزاز آهي ته هڪ دفعو ٻيهر عورت کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد چيو ته جيڪڏهن حلف جي تقاضن کي پورو ڪيو ته پوءِ مشڪلاتون ۽ شڪايتون ختم ٿي وينديون، اميد آهي ته اسان سڀ حلف جي پاسداري ڪنداسين. نئين چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته آئون پنهنجي پارٽي قيادت جي شڪر گذار آهيان جنهن هڪ عام ڪارڪن تي اعتماد ڪيو مان قيادت جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. هن چيو ته ايوان سان واعدو ڪيان ٿي ته آئون پنهنجون ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪندس. هن چيو ته اپوزيشن کي به گهرجي ته هو مخالفت براءِ مخالفت بجاءِ مثبت انداز ۾ ايوان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي. هن چيو ته مون تي پارٽي جو قرض آهي منهنجي اباڻي علائقي سجاول جو عوام به پيپلز پارٽي جي قيادت جو شڪر گذار آهي. هن مشڪل حالتن ۾ بهتر انداز ۾ ايوان هلائڻ تي شهلا رضا کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجه اظهار الحسن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ عمل ۾ هڪ وڏو دلچسپ معاملو ٿيو، پهرين ئي ڏينهن حڪومتي بئنچن جي ووٽن ۾ گهپلو ڪيئن ٿي ويو، ٻه ووٽ اسپيڪر جا گهٽ ڪيئن ٿي ويا؟ لڳي ٿو ته هتي به فارم 45 نه مليو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں