وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف وچ ۾ مقابلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي عمران خان ۽ شهباز شريف وچ ۾ مقابلو ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي 17 آگسٽ تي ٿيندي تحريڪ انصاف طرفان وارت عظميٰ لاءِ عمران خان اميدوار آهي جڏهن ته ن ليگ طرفان شهباز شريف اميدوار آهي وزيراعظم جي چونڊ ۾ عمرانه خان ۽ شهباز شريف وچ مقابلو ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيندو ٻئي طرف وزيراعظم جي عهدي لاءِ عمران خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ ايندڙ مرحلو وزيراعظم جي چونڊ جو آهي، جنهن لاءِ سڀاڻي 2 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.وزيراعظم لاءِ عمران خان پاران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ تجويز ڪندڙ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ۽ تائيد ڪندڙ فخر امام آهي. هوڏانهن ن ليگ صدر شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پولنگ کانپوءِ هاڻ وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ عمران خان بعد شهباز شريف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ن ليگ صدر طرفان نامزدگي ڪاغذ خواجا آصف، احسن اقبال ۽ راڻا تنوير جمع ڪرايا. واضح رهي ته پنجاب ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان مايوس ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف صوبائي سيٽون ڇڏي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان وزارت عظميٰ لاءِ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں