سنڌ جي نئين وڏي وزير لاءِ اڄ چونڊ، مراد علي شاهه سان شهريارمهر مقابلو ڪندو

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ 27 هين سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ 16 آگسٽ تي ٿيندي، سيد مراد علي شاهه ۽ شهريار مهر وچ ۾ مقابلو ٿيندو، تحريڪ لبيڪ پ پ يا اپوزيشن جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير جي چونڊ ڳجهي ڳڻپ سان ڪئي ويندي. سنڌ جي 27 هين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ميدان مچي ويو آهي، سنڌ اسيمبلي جي اڪثريتي پارٽي پ پ مراد علي شاهه کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته مخالف پارٽين ف ليگ جي شهريار مهر کي مراد علي شاهه جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لاٿو آهي. نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم 15 آگسٽ کان حاصل ۽ وصول ڪيا ويا، چونڊ 16 آگسٽ تي صبح 10 وڳي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳجهي ڳڻپ ذريعي ڪئي ويندي ۽ نئون چونڊيل سنڌ جو وڏو وزير ساڳي ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.  سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري عمر فاروق موجب نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم 15 آگسٽ تي حاصل ۽ جمع ڪرايا ويا، شام 6 وڳي اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں