شهبازشريف کي وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ سخت اختلاف

اسلام آباد  (بيورو) مسلم ليگ (ن)   وزيراعظم جي لاءِ اميدوار تبديل ڪرڻ لاءِ  پيپلزپارٽي جو مطالبو رد ڪندي  چيو آهي ته  شهبازشريف ئي وزيراعظم جو اميدوار آهي. تفصيل موجب مسلم ليگ  اڳواڻ مشاهد الله خان چيو آهيا ته پيپلزپارٽي اسپيڪر جي لاءِ اسان کان ووٽ ورتا ۽ هاڻ وزيراعظم جو اميدوار تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.  اگر ن ليگ جا فيصلا بلاول ڀٽو کي ڪرڻا آهن ته پيپلزپارٽي جي فيصلن جو اختيار  شهبازشريف کي ڏنو وڃي. مشاهد الله خان چيو ته اهڙي ڊڪٽيشن ته مارشلا ايڊمنسٽريٽر کان به نه ڏيندي هئي. ن ليگ  پاران مطلبو رد، ٻنهي پارٽين جي اختلافن سبب گڏيل اپوزيشن  ٺهڻ جو خواب  ساڀيان   ٿيڻ مشڪل بڻجي ويو

اپنا تبصرہ بھیجیں