اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ تحريڪ انصاف طرفان اسد قيصر ۽ هم خيال پارٽين جي اميدوار خورشيد شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. تحريڪ انصاف طرفان اسپيڪر لاءِ اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پارٽي اڳواڻن سان گڏجي پارليامينٽ هائوس پهتو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. سيڪريٽري خورشيد شاهه جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ۽ ٻنهي وچ ۾ دلچسپ مقالمو ٿيو. سيڪريٽري چيو ته توهان جي اچڻ کان اڳ اسان بنا مقابلي چونڊ جو طريقو ڏسي رهيا هئاسين جنهن تي خورشيد شاهه مسڪرائيندي چيو ته اها ته منهنجي خلاف سازش هئي. اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه جي تائيد ڪندڙن ۾ سندس پراڻو دوست نويد قمر، رميش لعل، شازيه ثوبيه، مسرت مهيسر ۽ شاهده رحماني شامل آهن. اسپيڪرشپ لاءِ پي ٽي آءِ جي اسد قيصر ۽ خورشيد شاهه ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي. ان موقعي تي خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان 25 سالن کان پارليامينٽ ۾ آهيان، جيترا ميمبر اچي رهيا آهن سڀني سان سٺا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، پ پ هميشه جمهوريت جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ فارم سوري نامزدگي فارم جمع ڪرايا قاسم سوري جي تائيد ڪندڙن ۾ علي جدون ۽ فرخ حبيب شامل هئا نامزدگي ڪاغذن تي ڪي به اعتراض نه واريا ويا سمورا ڪاغذ منظور ڪيا ويا گڏيل اپوزيشن پاران ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اسحد محمود به نامزدگي فارم جمع ڪرايا قاسم سوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي اسان جا اميدوار ڪامياب ٿيندا. صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي قسمت جا فيصلا ووٽ جي پرچي سان ٿيندا، پاڪستان جا نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جن کي ووٽر نمائندگي جي سند ڏين. جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ جشن آزاديءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان انهن تصورن جي مجسم تصوير آهي جنهن جي آغوش ۾ اسان هر لمحي آزادي جو مذو وٺندا آهيون، آزادي جي ڏهاڙي تي سائو جهنڊو وڌيڪ ڦڙڪائڻ جو چاهه وڌي ويندو آهي. هن چيو ته آزادي جي جشن ۽ عام چونڊن ۾ پيغام لڪيل آهي، هي ڏينهن ياد ڪرائي ٿو ته ملڪي قسمت جا فيصلا ووٽ جي پرچي سان ٿيندا، پاڪستان جا نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جن کي ووٽر نمائندگي جي سند ڏين، دعا آهي ته پاڪستان جي خدمت ڪندڙن کي آسانيون ملي سگهن. صدر ممنون حسين چيو ته نئون نسل وطن سان محبت، تعمير ۽ ترقي جي مخلصاڻين خواهشن سان مالا مال آهي، اسان اڃا مڪمل طور منزل تي نه پهچي سگهيا آهيون، اهڙين رنڊڪن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن سبب مسئلن کي منهن ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي سياسي ۽ سماجي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي اجتماعي فيصلن لاءِ ادارن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته جشن آزاديءَ تي فرزندان ڪشمير جي قربانين کي ياد رکون ٿا، پاڪستان ڪشميرين لاءِ سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. صدر ممنون حسين چيو ته گڏيل قومون ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟