سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اڄ چونڊ، دراني، ريحانه، جاويد ۽ نظامي جا ڪاغذ بحال

5Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ چونڊ اڄ ٿيندي اسپيڪر لاءِ پ پ جي آغا سراج دراني جو ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پ پ جي ريحانه لغاري جو پي ٽي آءِ جي راجا ظفر نظامي سان مقابلو ٿيندو، سمورن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن ڪنهن به اميدوار جي ڪاغذن تي ڪنهن به اميدوار پاران  اعتراض نه واريو ويو سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري  چيو آهي ته چونڊ ڳجهي بيلٽ ذريعي ٿيندي جڏهن ته پي ٽي آءِ ان جي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي ته جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ هارس ٽريڊنگ جو خدشو آهي ان ڪري چونڊ ڳجهي بيلٽ بدران شو آف هينڊ ذريعي ڪرائي وڃي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں