جي ڊي اي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار اسد عمر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار اسد قيصر جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.  تحريڪ انصاف  جي وفد جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪري اسپيڪر جي چونڊ ۾ مدد جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نامزد اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان هن وقت چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسپيڪر رهندڙ شخصيتن جي مشوري سان ايوان هلايو ويندو.  هن چيو ته اسان قوم جي حيثيت ۾ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان چئلينجنگ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهي چئلينج قوم لاءِ موقعا ٿيندا. سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان لاءِ نئين دور جي شروعات ڪنداسين، جي ڊي جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. اسد قيصر چيو ته اسان کي معيشت، پرڏيهي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گڏجي چئلينجن جو مقابلو ڪيو ويندو.  هن چيو ته اسان جي ميمبرن سان رابطي جا اطلاع آهن، پڪ آهي ته اسان جا ميمبر ضمير جو سودو نه ڪندا، ميمبرن کي آڇ جو پڪ سان نه ٿا چئي سگهون پر اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته  خورشيد شاهه کي به حمايت جي درخواست ڪئي آهي، اسان کي هڪ ٻئي جي مئنڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي، اسان ن ليگ جي مئنڊيٽ جو احترام ڪريون ٿا، هو اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. نامزد اسپيڪر چيو ته عمران خان ايوان کي عزت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.  فهميده مرزا چيو ته پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکي ويندي. غوث بخش مهر چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں