نامزد گورنر سنڌ لاءِ مزار قائد ۾ نو انٽري، گهڻي انتظار بعد ڪاوڙجي هليو ويو

0Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي نامزد گورنر کي قائداعظم جي مزار تي حاضري لاءِ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي نه سگهي، جنهنڪري هو حاضري ڀرڻ بدران ڪاوڙجي واپس هليو ويو.  رپورٽن مطابق يوم آزادي جي موقعي تي مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، سنڌ جو نامزد ٿيل گورنر عمران اسماعيل به پنهنجي وفد سميت مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ پهتو ته ان وقت سنڌ جو نامزد ٿيل وڏو وزير مراد علي شاهه پ پ پ اڳواڻن سميت مزار قائد تي پروٽوڪول سميت موجود هئا. عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪيتري ئي دير تائين دروازي تي بيٺل رهيا پر کين اندر اچڻ نه ڏنو ويو، جنهن تي عمران اسماعيل ڪاوڙ ڪندي مزار قائد جي گيٽ وٽ ئي دعا گهري واپس روانو ٿي ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں