الائيڊ بئنڪ….

0Shares

الائيڊ بئنڪ آف پاڪستان جي ٽيڪس بعد منافعي ۾ 10 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) هلندڙ ڪئلينڊر سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ الائيڊ بئنڪ آف پاڪستان جي ٽيڪس بعد منافعي ۾ 10 سيڪڙو منافعو رڪارڊ ڪيو ويو. بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جنوري کان وٺي جون 2018ع تائين جي عرصي ۾ الائيڊ بئنڪ کي 7143 ملين رپين جو ٽيڪس بعد منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل ڪئلينڊر سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل ڪئلينڊر سال جي انهي عرصي ۾ بئنڪ کي 6474 ملين رپين جو ٽيڪس بعد نفعو ٿيو هو. انگن اکرن مطابق ان عرصي ۾ بئنڪ جي آپريٽنگ منافعي ۾ 9 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ڪئلينڊر سال جي ان عرصي ۾ ڪمپني جي في شيئر آمدني 6.24 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل سال جي ان عرصي ۾ بئنڪ جي في شيئر آمدني 5.65 رپيا هئي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں