ملڪي ايڪسپورٽ….

مالي سال جي پهرين مهيني ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ 1.17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال 19-2018ع جي پهرين مهيني ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ 1.17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان جي شماريات واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ 2018ع دوران پاڪستان مختلف شين جي ايڪسپورٽ مان 1.646 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 1.17 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي پهرين مهيني ۾ پاڪستان ايڪسپورٽ مان 1.627 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو هو. گذريل سال جي جولاءِ ۾ پاڪستان جو ايڪسپورٽ بل 4.838 ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جڏهن ته مالي سال جي پهرين مهيني ۾ واپاري خسارو 0.31 سيڪڙو وڌيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں