آٽوپارٽس ۽ اسيسريز…

ملڪ مان آٽوپارٽس ۽ اسيسريز جي روانگي واپار ۾ 24.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)گذريل مالي سال دوران ملڪ مان آٽو پارٽس ۽ اسيسريز جي روانگي واپار ۾ 24.5 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. شماريات واري پاڪستان جي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال 18-2017ع دوران پاڪستان آٽو پارٽس ۽ اسيسريز جي ايڪسپورٽ مان 16.9 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو جيڪو مالي سال 17-2016ع جي ڀيٽ ۾ 24.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 17-2016ع دوران پاڪستان آٽو پارٽس ۽ اسيسريز جي ايڪسپورٽ مان 13.5 ملين ڊالرن جو پرڏيه ناڻو حاصل ڪيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں