ورزش فائدي مند ….

0Shares

ورزش دماغي صحت لاءِ فائدي مند آهي :ماهر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ورزش جان فائدا ايترا ته وڌيڪ آهن جو دنيا ۾ ڪا به اهڙي دوا يا کاڌو ورزش جو متبادل نٿو ٿي سهگي. نئي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته باقاعده ورزش ڪرڻ ذهن ۽ دماغ لاءِ انتهائي فائدي مند آهن. برين  پلاسٽيٽي نالي جرمل نيويارڪ يونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته ورزش دماغي ڪارڪردگي ۽ برن نيٽ ورڪ جي رستن کي مضبوط ڪندي دماغي ۽ ذهني استداد کي وڌائيندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي قسم جي ورزش گهٽ ۾ گهٽ نصف جوڙن تائين ڪرڻ سان دماغ جي ڪيمائي ساخت ۽ افعال تي تمام سٺا اثر مرتب ٿيندا آهن،  ان ۾ ايئروبڪ ورزشون آهن جنهن ۾ جاگنگ، تيزقدمي، پيراڪي، باڪسنگ، سائيڪل هلائڻ ۽ ٻيون اهڙيون ورزشيون شامل آهن.  باقاعده ۽ مسلسل هڪ ئي ورزش صحيح انداز ۾ ڪئي وڃي ته ان سان دماغ جي اهم حصي پٰري فرنٽل ڪارٽيڪس، تي سٺا اثر پوندا آهن، دماغ جو هي حصو فيصلو ڪرڻ سوچڻ ۽ فڪر  جهڙن مسئلن ۾ مدد ڏيندو آهي، هي اسان کي نئيون شيون سکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي ان کان علاوا ورزش ذهني تناوءٌ ختم ڪري موڊ بهتر ڪندي آهي. مجموعي طور تي ورزش جن دماغي صلاحيتون کي وڌائيندي آهي ان ۾ عملي يادداسٽ، ڌيان، مسئلا حل ڪرڻ، روزاني گفتگو ، دماغي پروسيسنگ ۽ سمجهه شامل آهن . پر هڪ ڀيرو ورزش ڪرڻ جا فوري اثر 2 کان 3 ڪلاڪ تائين برقرار رهندا آهن. ۽ ٻيو فائدو اهو آهي ته باقاعده ورزس دماغي عارصون، ڊمينشيا ۽ الزائيمر جهڙيون بيماريون جو خطرو به ختم ڪندي آهي.

0Shares
کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں