حڪومت سازي جو پهريون مرحلو مڪمل، قومي اسيمبلي ۾ نون چونڊيل 324 ميمبرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو) 15هين قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف پهريون ڀير ايم اين اي طور حلف کنيو. قومي اسيمبلي جو 15 هون اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. سمورن ميمبرز قومي ترانو ٻڌڻ بعد پاڪ ڪلام جي تلاوت به ٻڌي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس جي شروعات ۾ نون چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏنيون ۽ حلف کڻڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪيو. اياز صادق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ 15 آگسٽ جي تاريخ جو اعلان ڪيو. ان کاپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق نون چونڊيل ميمبرن کان حلف کڻايو، جنهن بعد ميمبرن صحيحون ڪيون. سڀ کان پهرين آصف علي زرداري رجسٽر تي صحيحي ڪئي. ايوان ۾ پي ٽي آءِ طرفان نامزد وزيراعظم عمران خان به حلف کنيو. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو، جڏهن ته آصف زرداري،  پرويز اشرف، محمد ميان سومرو، شهبازشريف، پرويز خٽڪ، فهميده مرزا، فخر امام ۽ ٻين حلف کنيو. تحريڪ انصاف چئيرمين عمران خان، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، شفقت محمود، شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر ۽  ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي آيو ۽ عمران خان  سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو ته عمران خان اٿي بيهي کيس هٿ ملايو ۽ ساڻس تصوير به ٺهرائي. ايوان ۾ پي ٽي آءِ سوڌو ٻين پارٽيز جي ميمبرز عمران خان کي هٿ ملائڻ بعد واڌايون ڏنيون. آصف زرداري به پارليامينٽ لاجز ۾ مختلف اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ايوان پهتو، ايوان ۾ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو هڪ ئي قطار واري سيٽس تي ويٺا. قومي اسيمبلي جي پهرئين اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اهم شخصيتون  به پهتيون. شهيد بينظير ڀٽو جون نياڻيون بختارو ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو زرداري به مهمانن جي گيلري ۾ ويٺل رهيون،  جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شيري رحمان به مهمانن جي گئلري ۾ موجود هئا. اسيمبلي ميمبرز جي فهرست تي سڀ کان پهرين اڳوڻي صدر آصف زرداري صحيح ڪئي. واضح رهي ته فضل الرحمان، يوسف رضا گيلاني، سراج الحق، محمود خان اچڪزئي ۽ چوڌري نثار جهڙا سينيئر سياستدان چونڊن ۾ شڪست ملڻ سبب نئين قومي اسيمبلي جو حصو نه ٿي سگهيا. قومي اسيمبلي ۾ عمران خان جي رجسٽر تي صحيح ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ ميمبرن وزيراعظم عمران خان ۽ آئي آئي پي ٽي آءِ جا نعرا هنيا آصف ذرداري جي رجسٽر تي صحيح ڪرڻ وقت شگفتا جماڻي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا پر اسپيڪر روڪي ورتو قومي اسيمبلي ۾ خانداني ميمبر چونڊجڻ جي به روايت برقرار رهي خواجا آصف ۽ سندس گهرواري مسرت خواجا حلف کنيو ڀاءُ، ڀيڻ رضا رباني ۽ حنا رباني کي پڻ حلف کنيو شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين قريشي به حلف کنيو آصف زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو به حلف کنيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں