اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار اومني مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ۾ ڪم جا ماڻهو گهرجن، نواز شريف واري جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وارن کي داٻي لاءِ رکيو ويو هو. چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته جاچ ۾ وڌيڪ 15 اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن ۾ 6 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي. چيف جسٽس چيو ته اربين رپيه جعلي اڪائونٽس ۾ ڪٿان آيا ۽ پئسا جعلي اڪائونٽس مان ڪٿي ويا. اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي وڪيل چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ ۾ سموري ٽرانزيڪشن جو حساب ڏينداسين. ٻڌڻي دوران مدني ٽي وي جو ملازم عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته اسان جو اومني گروپ سان ڪو به تعلق ناهي، سندن اڪائونٽ ۾ 80 ڪروڙ ڪٿان آيا ڪابه خبر ناهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گذريل جي آءِ ٽي ۾ ڪير هئا، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 6 آفيسر هئا جنهن ۾ آءِ ايس آءِ جو برگيڊيئر نعمان به شامل هو. چيف جسٽس چيو ته اهي داٻي لاءِ رکيا ويا هئا، ڇڏيو آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وارن کي،اسان کي ڪم وارا ماڻهو گهرجن. هن چيو ته اڄ اسان کي گاريون ڏيندڙ پنهنجو موقف پيش ڪندا، عدالت جي بي حرمتي ڪن ٿا، اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي اسلام آباد پوليس به پنهنجو جواب ڏي، پاڪ ناپاڪ پئسا جي پڇاڻي تي ايترو گوڙ ڪيو ويو، اچي ٻڌايو ته پئسو پاڪ آهي يا وري ناپاڪ آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيس جي شاهدن کي هيسايو ويو، پوليس شاهدن کي هيسائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هيسائڻ واري معاملي جي رپورٽ ڪهڙي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جڏهن به ايف آءِ اي گهرائيندي هو حاضر ٿي ويندا. هن چيو ته آصف زرداري 11 سال جيل ڀوڳيو آهي، پ پ هميشه عدالتن جي عزت ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته وڏو جلوس ڪڍي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان وڪيلن کي ٻڌي جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا، ماڻهو وري چوندا ته عدالت جي آءِ ٽي نه ٿي ٺاهي سگهي. هن چيو ته پاناما طرز جي جي آءِ ٽي ٺاهيون ٿا جنهن ۾ واجد ضياءَ ۽ سندس ٽيم هجي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته پڪ سان چون ٿا ته رشوت جا پئسا جعلي اڪائونٽس ۾ وڌا ويا. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته اومني گروپ جو سمورو پئسو قانوني آهي، جنهن جي آڊٽ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي 60 صفحن جي رپورٽ ۾ ڪٿي به رشوت يا بدعنواني ثابت نه ٿي آهي. سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي انور مجيد جي درخواست رد ڪندي سمورين ڌرين کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟