نئين چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس، 160 ميمبرن رڪنيت جو حلف کڻي ورتو

 ڪراچي (چيف رپورٽر)  پندرهين چونڊيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو,عام چونڊن م قائم ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي 165 ميمبرن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو انهن مان 160 ميمبرن حلف کڻي ورتو,اسپيڪر آغا سراج دراني چونڊيل ميمبرن کان اردو,سنڌي ء انگريزي ٻولين م حلف ورتو,حلف کڻندڙن  ۾ پير صاحب پاڳاري جي فرزند پير سيد راشد شاھ ، ڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ٻن ڀيڻن فريال ٽالپر ,عذرا فضل پيچوهو,سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل ,نامزد وزير اعلي سيد مراد علي شاه,سيد قائم علي شاھ  کانسواءِ ڪافي نون چهرن ء پراڻن پارليامينٽرين به شامل هئا، سنڌ اسيمبلي جي ٻن اسير ميمبرن شرجيل ميمڻ ,جاويد حنيف کي پروڊيڪشن آرڊر تحت جيل مان اسيمبلي آندو ويو اجلاس دوران مهمانن واريون گيلريون مهمانن سان ڀريل هيون جتان مختلف سياسي جماعتن جي حامين پاران نعرن جو مقابلو به ٿيندو رهيو,اجلاس جي ڪاراوئي مقرر وقت کان ڏيڊ ڪلاڪ دير سان شروع ٿي مذهبي رسمن بعد اسپيڪر آغاسراج دراني چيو ته هو سمورن ميمبرن کي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏئي ٿو,هن اسيمبلي پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪئي ء هن اسيمبلي ۾ قائدااعظم محمد علي جناح گورنر جنرل جو حلف کنيو ء پاڻ سنڌي زبان م حلف کنيو هو 55 ميمبرن اردو ء باقي ميمبرن سنڌي ء انگريزي م حلف کنيو حلف برداري تقريب کانپوءِ اسپيڪر ميمبرن کي رجسٽر م صحيون ڪرڻ لاءِ چيو ء واري واري سان  اسيمبلي ميمبرن پنهنجا نوٽيفڪيشن اسيمبلي اسٽاف وٽ جمع ڪرائڻ بعد رجسٽر تي  صحيون ڪيون پيپلز پارٽي جي فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاھ  جا نالا پکارڻ تي ايوان م نعرا هنيا ويا,تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اسيمبلي ميمبر ثروت فاطمه نقاب پائي ايوان  ۾ پهتي,جڏهن ته پ پ جو راڻا همير سنگه ,تنزيلا قمبراني روايتي لباس پائي ايوان ۾ شرڪت ڪئي 8 اسيمبلي ميمبرن حلف ن کنيو جن ۾ پ پ ، جي ڊي اي ۽  پي ٽي آءِ جا ميمبر شامل آهن,سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي 97 ميمبرن سان پهرئين نمبر تي آهي تحريڪ انصاف 30 ميمبرن سان ٻئي نمبر تي ايم ڪيو ايم 21 ,گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جا 13 ,تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا 3 ء ايم ايم اي جو هڪ ميمبر آهي ,پيپلز پارٽي جي جنرل سيٽن تي 75 عورتن جي مخصوص سيٽن تي 17 ء اقليتن جي مخصوص سيٽن تي پنج ميمبر آهن ,تحريڪ انصاف جا جنرل سيٽن تي 23 عورتن جي مخصوص سيٽن تي پنج ء اقليتن لاءِ  مخصوص سيٽن تي ٻه ميمبر آهن، ايم ڪيو ايم جا جنرل سيٽن تي 16 عورتن جي مخصوص سيٽن تي چارء اقليتن جي مخصوص سيٽ هڪ ميمبر آهي ,جي ڊي اي جا جنرل سيٽن تي 10 عورتن جي سيٽن تي ٻه ۽  اقليتن جي مخصوص سيٽ تي هڪ ميمبر آهي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا جنرل سيٽ تي ٻه ميمبر ء عورتن جي مخصوص سيٽ تي هڪ ميمبر آهي ,پي ايس 48  ميرپور خاص مان سيد ذوالفقار شاه ء پي ايس 54 ٿرپارڪر مان  رزاق راهمون جا نتيجا روڪيا ويا آهن ,تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار جي وفات سبب پي ايس 87 ملير تي چونڊ ن ٿي پيپلز پارٽي جو سيد فضل علي شاه هڪ وقت قومي ء صوبائي اسيمبلي جي تڪن تان ڪامياڀ ٿيو آهي ء هن صوبائي تڪ تان استعفا ڏئي چڏي آهي جڏهن ته پ پ جي علي مردان شاه ,علي نواز مهر ,پي ٽي آءِ  جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿيل ڊاڪٽر سيما ضيا ء ايم ڪيو ايم جي شاهينا اشعر به حلف نه کنيو ,سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسيمبلي جي دروازن تي وڏي رش هجڻ سبب ملڪي توڙي غير ملڪي صحافين کي ڌ ڪا کائڻا پيا ڪافي ماڻهون بنا پاس جي اندر وڃڻ م ڪامياب ٿي ويا اسيمبلي جي آسپاس جي روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي ,اسپيڪر اجلاس 15  آگسٽ تائين ملتوي ڪري چڏيو

اپنا تبصرہ بھیجیں