بهارين ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏينداسين، بلاول هائوس جون ديوارون ڪيرائڻ اسان جي ايجنڊا تي آهي: عمران اسماعيل

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) نامزد گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته پيپلز پارٽي سان بلاول هائوس جي حفاظتي ڀت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ٻاهرئين ڀت نه ڪيرائي وئي ته قانونيڪارروائي ڪنداسين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته اسان جو جهيڙو ئي ڪرپشن جي خلاف آهي، ڪرپشن ڪنهن به صورت ناقابل برداشت آهي، پنهنجي پارٽي جي ڪنهن شخص جي خلاف ڪنهن ثبوت ڏنا ته مان ڪارروائي ڪندس.هن چيو ته ڪوشش آهي ته احتساب ۽ شفافيت کي مڪمل ڪيو وڃي، عام ماڻهو جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ ڪوشش آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ ٻين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلون، مراد علي شاهه کي چيو ته مان انهن سان پنهنجو پروگرام شيئر ڪندس. نامزد گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بي انتها مالي بي ضابطگيون ٿيون آهن، وفاق جي بنا سنڌ نه هلي سگهندي، اسان سنڌ جي مدد ڪري رهيا آهيون، يقين آهي ته سموريون پارٽيون گڏ بيهنديون، اسان ڪنهن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران اسماعيل چيو ته پيپلز پارٽي سان بلاول هائوس جي حفاظتي ڀت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪنداسين، ٻاهرين ڀت نه ڪيرائي وئي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جو ردعمل ۾ چوڻ هو ته ڏک آهي ته گورنر بڻجندڙ شخص غير ذميواراڻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، بلاول هائوس جي ٻنهي طرف رستا کليل آهن ۽ ڪوبه رستو بند ناهي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ وڏي وزير سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪراچي سميت سموري سنڌ لاءِ وڏو پئڪيج ڏيڻ چاهي ٿو، جڏهن ته مان وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس. عمران اسماعيل چيو ته فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي پر هاڻي ليڪوڪٽڻ جو ڪو فائدو ناهي، چاهيون ٿا ته هاڻي معاملن کي اڳتي وٺي هلون. هن چيو ته ڪرپشن تي زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ سنڌ ۾ ڪنهن به رٿا کي بيهڻ نه ڏنو ويندو، نيب پنهنجو ڪم ڪري اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ۽ سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلون، جڏهن ته اسان کي ڦيٿا ڪاٽڻ ۽ تختي لڳائڻ جو شوق ناهي، اسان سنڌ جي مدد ڪرڻ آيا آهيون. هڪ صحافي جي ان سوال ته پي ٽي آءِ جي عليم عادل شيخ پنهنجي چونڊ مهم دوران پنهنجي بينرن ۾ لکيو هو ته بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڍاهي ڏنا ويندا جڏهن ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏئي چڪو آهي ته اهي غيرقانوني آهن کين ملڪ مان ڪڍيو وڃي هاڻ اوهان اقتدار ۾ آيا آهيو اوهان ڪهڙي ڳالهه تي عمل ڪندا عمران اسماعيل چيو ته انهن بنگالين بهارين ۽ برمين جا ٻار به هت چميا آهن سڃاڻپ ڪارد ڏيڻ سندن حق آهي جيڪي اسين کين ٺاهي ڏينداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں