حنا خان بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي آڇ ٿڏي ڇڏي

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بگ باس سيزن 11 جي فائنلسٽ حنا خان بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي آڇ رد ڪري ڇڏي. سلمان خان جو شمار فلم نگري جي انهن سپر اسٽارن ۾ ٿيندو آهي، جنهن سان هر ننڍو وڏو اداڪار ڪم ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي پر هڪ اداڪارا اهڙي به آهي، جنهن کي سلمان خان آڇ ڪئي ته هوءَ ننڍي اسڪرين تي ساڻس گڏ اچي پر بگ باس 11 جي فائنسلٽ حنا خان بالي ووڊ سپر اسٽار جي اهڙي آڇ ٿڏي ڇڏي. حنا خان ٽوئيٽر تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هن سلمان خان جي شو ”دس ڪا دم“ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته منهنجا ڪيترائي مداح خوش نه هوندا ۽ سوچيندا هوندا ته مان ان شو ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي پر مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته مون کي سوني چئنل طرفان شو ۾ شرڪت لاءِ ڪال آئي هئي پر مان معذرت ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته ان وقت مان هڪ گيت جي مشهوري ۾ مصروف هيس، ان ڪري اها دعوت قبول نه ڪري سگهيس. حنا خان جو چوڻ هو ته مان شو ۾ شرڪت نه ڪري پنهنجي مداحن کي مايوس ڪيو، تنهن ڪري انهن کان معذرت چاهيان ٿي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں