انفيڪشن کي روڪڻ ۾ مددگار….

هڪ اسپرين روزانو، ايچ آئي وي انفيڪشن کي روڪڻ ۾ مددگار

وني پيگ(ويب ڊيسڪ) هن وقت آفريقا سميت سڄي دنيا جو هڪ حصو ايچ آئي وي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي هڪ يا ٻه کان وڌيڪ اسپرين کائڻ سان ان مرض کي روڪي سگهجي ٿيو.  ڪينيڊا جي ماهرن چيو آهي ته اسپرين گھٽ مقدار ۾ کائڻ سان ايچ آئي وي جو مرض پکڙجڻ ۾ انتهائي گھٽ ٿي سگھي ٿو .آفريڪي عورتون ايچ آئي وي جي مرض جو انتهائي شڪار هونديون آهن، ان لاءِ ماهرن جاچ لاءِ آفريقا جي چونڊ ڪئي جامع مينيٽوبا،  اٽرلو جي يونيورسٽي، ڪينيڊا ۾ صحت جي ادارن ڪينيا جون عورتن کي اسپرين ڏني وئي جنهن جو ڪيميائي نالو “ايسٽائل سيلي سائيلڪ ايسڊ يا اي ايس اي آهي. جاچ مان ٿيو ته عورتن جي ايچ آئي وي جي مرض ۾ 35 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. اهڙيءَ طرح ڪيتريون ئي عورتون ايچ آئي وي جي انفيڪشن کان بچاءَ ۾ رهيون .اسپرين هڪ سور جي دوا سان ڄاڻي وڃي ٿي پر ان جو  استعمال باقاعده دل کي صحتمند ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي مرضن لاءِ دشمن ثابت ٿي ويو آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انسان کي دل جو دورو اوچتي اچي ته ان اسپرين کارايو  اسپرين دل جي دوري جي شدت ۾ ڪمي پيش ڪندي آهي، ان جي استعمال سان ڪيترن ئي مرضن کان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو .

کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں