تحريڪ انصاف وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پ پ کان مدد گهري ورتي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف وزيراعظم، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پ پ کان ووٽ گهري ورتا. تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري موجب اسان خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. تحريڪ انصاف وفد اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻخورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سڀني کي پارليامينٽ اچي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ ۾ ملڪي ۽ قومي مفاد لاءِ ڪئي ويندڙ قانون سازي جي حمايت ڪنداسين. ان موقعي تي تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف، خورشيد شاهه ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما پهچايا آهن، خورشيد شاهه کي درخواست ڪئي آهي ته هو اسد قيصر جي حق ۾ هٿ کڻي وڃي ۽ ساڻس پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پ پ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندي يا نه، ان حوالي سان پارٽي جو موقف سامهون ناهي آيو. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته حڪومت سازي ۾ ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ذريعن موجب جهانگير ترين پاڪستان مسلم ليگ ق جي پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سازي ۾ ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي جو شڪريو ادا ڪريون ٿا پنجاب ۾ عوام جي زندگي جو معيار مٿانهون ڪنداسين ۽ ادارن کي مضبوط ڪنداسين. جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته شريف خاندان ادارن کي کوکلو ڪري ڇچڏيو آهي، شريفن جي 10 سالن واري حڪومت مان ڪيترو نقصان ٿيو، عوام جي سامهون آڻينداسين، بلديات لاءِ نئين قانونسازي ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي ته اختيار هيٺئين سطح تائين ڏنا وڃن. پرويز الاهي ڳالهائيندي چيو ته جهانگير ترين سان ملڪ کي پيش ايندڙ چيلينجز جي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، شهباز شريف جي نظام ۾ هيٺئين سطح تي ماڻهو بي اختيار آهن جڏهن ته شهباز شريف پنجاب جو ٻيڙو غرق، ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جهانگير ترين چيو ته پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام لاءِ قانونسازي تي اتفاق ٿيو آهي، ملاقات ۾ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ به مشاورت ڪئي وئي پنجاب ۾ ن ليگ ۽ اسان جي نمبر گيم ۾ فرق آهي پرويز الاهي چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جو خون شريف ڀائرن جو پيڇو ڪري رهيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں