ملڪ ۾ ٽيون ڀيرو جمهوري دور جي شروعات، قومي اسيمبلي ۾ اڄ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي جمهوري تاريخ جو اڄ اهم ڏينهن، قومي اسيمبلي ۾ نوان چونڊيل ميمبر قسم کڻندا. تفصيل موجب عام چونڊن کانپوءِ مسلسل ٽيون جمهوري دور شروع ٿي رهيو آهي، ملڪ جي 15هين قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ 10 وڳي ٿيندو. قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس جي صدارت اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو، جيڪو نون چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻائيندو ۽ ڪارروائي ختم ٿي ويندي. 15 آگسٽ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر، 17 آگسٽ تي وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن وٽ فيصلي لاءِ ڪالهه آخري ڏينهن هيو، جيڪي هڪ سيٽ پاڻ وٽ رکي سگهيا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ بنون جون سيٽون ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. پارٽي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جون سيٽون ڇڏي ڏيندا. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 158 ميمبرن سان پهرين نمبر تي موجود آهي. پڌرنامي موجب قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف 116 جنرل سيٽون کٽيون ۽ 9 آزاد ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا، جنهن کانپوءِ اونهن جو انگ 125 ٿي ويو، اهڙي طرح انهن جو مجموعي نمبر 158 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) 64 سيٽون کٽيون، ن ليگ کي مخصوص اقليتي 2 ۽ عورتون جون 16 سيٽون مليون، جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 82 ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي 42 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح انهن کي 2 اقليتي ۽ 9 عورتون جون مخصوص سيٽون مليون، جنهن کانپوءِ انهن جو نمبر 53 تائين پهچي ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون کٽيون ۽ ڪو به آزاد ميمبر اونهن سان گڏ نه ٿيو. متحده مجلس عمل 12 سيٽون کٽيون ۽ ڪو به آزاد ميمبر شامل نه ٿيو. پاڪستان مسلم ليگ (ق) قومي اسيمبلي جون 4 سيٽون کٽيون ۽ ڪو به آزاد ميمبر شامل نه ٿيو. بلوچستان عوامي پارٽي 4 سيٽون کٽيون، انهن سان به ڪو آزاد ميمبر شامل نه ٿيو. بلوچستان نيشنل پارٽي قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون حاصل ڪري سگهي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس قومي اسيمبلي ۾ 2 سيٽون کٽيون، عوامي نيشنل پارتي، عوامي مسلم ليگ ۽ جمهوري وطن پارٽي به قومي اسيمبلي جي هڪ-هڪ سيٽ کٽي. قومي اسيمبلي جي 13 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، جن مان 9 تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 4 پنهنجي آزاد حيثيت برقرار رکي، جڏهن ته 3 سيٽن تي چونڊ ملتوي ٿي يا نتيجا روڪيا ويا آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں