ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي ٽرڪ ۽ بس ۾ ٽڪر، 6 اهلڪار اجل جو شڪار، 20 ڄڻا زخمي

ڊيرا اسماعيل خان(م ڊ) ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ ۽ بس ۾ ٽڪر، 6 اهلڪار شهيد، 20 ڄڻا زخمي. تفصيل موجب درابن زوب روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو کانسواءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي وئي، شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ به گهڻي ڀاڱي اهلڪار ئي موجود هئا، زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب شهيد ٿيلن ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 3 ۽ خاصادار فورسز جا 3 اهلڪار شامل آهن. پوليس موجب مسافر بس ڪوئيٽا کان ڊي آءِ خان وڃي رهي هئي ته سيڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ سان حادثو پيش آيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں