ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو ڊگهو بريڪ ڊائون، اڌ شهر اوندهه ۾ ٻڏي ويو

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو ڊگهو بريڪ ڊائون، اڌ شهر اوندهه ۾ ٻڏي ويو. تفصيل موجب ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رات دير سان اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب اڌ شهر کان وڌيڪ شهر ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي. هائي ٽينشن لائن ٽرمپ ٿيڻ سبب گلستان جوهر بلاڪ 5، 8، 19، 20، پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال 13 ڊي، ڊفينس فيز ٽو، ڪلفٽن بلاڪ فائيو، گارڊن، کارادر، سولجر بازار، طارق روڊ ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي. متاثر علائقن ۾ ناظم آباد، صدر، بهادر آباد، ڪلفٽن، ڪورنگي، لانڍي، گلشن عمير، ريس ڪورس ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن، جن ۾ شهرين ڏکيائين کي منهن ڏنو. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب هائي ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب شهر ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں