تحريڪ انصاف عمران اسماعيل کي گورنر سنڌ نامزد ڪري ڇڏيو، پ پ طبل وڄايو ته اسان به پوئتي نه هٽنداسين: عمران اسماعيل

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو+ م ڊ) تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جو پهريون ٽارگيٽ معيشت جي بحالي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، عمران خان سنڌ جي گورنر لاءِ عمران اسماعيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پارٽي سربراهه ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ پي ٽي آءِ جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پارليامانيپارٽي اڳواڻن کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه ۽ شهباز شريف کي گهرايو ويندو، اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ڪپل ديو ۽ نوجوت سنگهه سڌو حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سنيل گواسڪر مصروفيتن سبب شرڪت نه ڪري سگهندو. فواد چوڌري چيو ته عمران خان ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو ۽ باقي 4 سيٽون ڇڏيندو، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ 3 نالا فائنل ڪيا ويا آهن. سندس موجب وزيراعظم پارليامينٽ ۾ جوابده هوندو، هو پاڻ ايوان ۾ هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندو، هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج معيشت جي بحالي آهي، اسد عمر ۽ سندس ٽيم جو سڄو ڌيان هن وقت معيشت تي آهي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس، گورنر هائوسز ۽ چيف سيڪريٽري هائوسز جا خرچ گهٽائينداسين، عمران خان جي رهائش گاهه بابت سيڪيورٽي اشوز آهن، ان حوالي سان به قدم کڻي رهيا آهيون. فواد چوڌري چيو ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ 3 نالا شارٽ لسٽ ڪيا آهن 48 ڪلاڪن ۾ نالي جو اعلان ڪيو ويندو سردار حسنين بهادر دريشڪ مخدوم هاشم حميد ميان اسلم اقبال سميت ٻين نالن تي غور ٿي رهيو آهي اميد آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي لاءِ 180 ووٽ ملندا هن چيو ته تحريڪ انصاف عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان پارٽي سربراهه باضابطا طور منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سنڌ جي گورنر لاءِ نالي جي باضابطا طور منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل خانگي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پ پ بينظير ڀٽو جي شهادت سان گڏ دفن ٿي وئي پ پ جنگ جو طبل وڄايو ته اسان پوئتي نه  هٽنداسين نيب سميت ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڪراچي جي ميئر کي اختياقر ملڻ گهرجن ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ اسان جي اتحاد آهي هن چيو ته آصف زرداري چيو هو ته ن ليگ سان نه ملنداسين پر اڄ اهي انهن سان ويٺل آهن جيڪي احتساب جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن پ پ ۾ چور ويٺل آهن پر انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو سنڌ ۾ بهتري لاءِ پ پ کي اسان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پويندي عمران اسماعيل چيو ته پ پ ساٿ نه به ڏئي تڏهن به اسان پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪنداسين ڪرپشن ڪوبه ڪري ان کي پڪڙيو ويندو پ پ ڪرپشن کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿي ڪري ڪي پي ڪي وانگر سنڌ پوليس ۾سڌارا آندا ويندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں