ڪراچي(رپورٽ: منصور کوکر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي ورڇ واري ايجنڊي تان هٿ کڻڻا پوندا، 2023 ۾ بلاول ڀٽو ملڪ جو وزير اعظم بڻجندو. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر جي ڏينهن ٿيندو، جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. مراد علي شاه کي سنڌ جي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آغا سراج دراني کي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ريحانه لغاري کي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو اسيمبلي ميمبرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ وارننگ ڏئي ڇڏي آهي، بلاول ڀٽو گڊ گورننس، شفافيت ۽ ميرٽ تي زور ڏنو آهي، 2023 ۾ بلاول ڀٽو ملڪ جو وزير اعظم بڻجندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته پي ٽي آءِ وفاق ۾ حڪومت بڻائي رهي آهي، ملڪ جي لاءِ هر شئي بهتر هوندي ان جي حمايت ڪنداسين. سنڌ ۾ حڪومت سازي لاءِ اسان جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، سڀني جي سامهون ڳالهائيداسين، پر سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. اجلاس ۾ اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري، قائم علي شاهه، مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، نثار کهڙي، وقار مهدي، عاجز ڌامراهه ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري نون چونڊيل ايم پي ايز کي خطاب ڪندي چيو ته عوام پ پ مان وڏيون اميدون رکي لاڳيتو ٽيون ڀيرو صوبي تي حڪمرانيءَ جو موقعو ڏنو آهي. هن پارلياماني پارٽيءَ کي گذريل 10 سالن جي حڪمراني کي وساري عوام لاءِ وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ بيسڊ حڪمرانيءَ رهڻ جي هدايت ڪئي، پ پ چيئرمين نئين حڪومت کي صاف پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم وارن شعبن ۾ بهتري کي اوليتون بڻائڻ تي زوير ڏيندي چيو ته ڪوبه پاڻ کي سموري ڄمار لاءِ وڏو وزير يا وزير نه سمجهي هو پاڻ ايم پي ايز سميت حڪومتي مشينريءَ جي نگراني ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ مختلف ڪٺ پتلي ڌرين پ پ کي چئلينج ڪرڻ لاءِ اتحاد جوڙيا، پر اسان عوام جي حمايت سان کين شڪست ڏني. هن چيو ته انهن ئي ڪٺ پتلي ڌرين جو هڪ ٻيو گروپ وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهي، پر پ پ سندن کوکلائپ کي بي نقاب ڪري ڌڪي ٻاهر ڪندي، هن چونڊيل ايم پي ايز کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان منهنجي ٽيم آهيو ۽ آئون اوهان مان پارٽيءَ جي ماضيءَ واري عروج جي بحاليءَ لاءِ ابهم ڪارڪردگيءَ جي اميد رکان ٿو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟