چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: خالد مقبول، نسرين جليل، حيدر عباس ۽ خوش بخت شجاعت اشتهاري قرار

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) ڪراچيءَ جي دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالت چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي جي بن ڪيسن ۾ خالد مقبول صديقي، نسرين جليل ۽ خوش بخت شجاعت سميت حيدر عباس رضوي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي  جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، خواجه اظهار الحسن ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. 22 آگسٽ جي ٻن ڪيسن ۾ هڪ جوابدار فيصل جي عدم حاضري سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 2 سال گذري ويا آهن اڃا تائين فرد جرم لاڳو نه ٿيو آهي، هر پيشيءَ تي ڪو نه ڪو غير حاضر هوندو اهي، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿي ويندو، ڪو غير حاضر هوندو ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.  عدالت خالد مقبول صديقي، خوش بخت شجاعت، حيدر عباس رضوي ۽ نسرين جليل سميت ٻين کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں