نيب نندي پور پاور پلانٽ ڪرپشن ڪيس ۾ قانون واري کاتي جي آفيسرن کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو

0Shares

 اسلام آباد (بيورو)  نيب پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نندي پور پاور پلانٽ ڪرپشن ڪيس ۾ قانون واري وزارت جا اعليٰ آفيسر ۽ عملدار ملوث آهن.نجي ٽي وي مطابق نندي پور پاور پلانٽ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب سپريم ڪورٽ ۾ عبوري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ حيران ڪندڙ حقيقتن جو انڪشاف ٿيو آهي. نيب جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نندي پور پاور پراجيڪٽ جو رڪارڊ ملي ويو آهي، جنهن مطابق قانون واري وزارت جا اعليٰ عملدار ۽ آفيسر ڪرپشن ۽ ڪرپشن وارن قدمن جا ذميوار آهن، قانون واري وزارت جي ڪري ئي منصوبي تي عمل ٿيڻ ۾ 2 سال دير ٿي، قانون واري وزارت جا عملدار پنهنجي قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي بجلي وزارت ۽ ناڻي واري وزارت پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود قانون واري وزارت معاملي تي ڪابه قانوني راءِ نه ڏني، قانون واري وزارت 4 مارچ تي ناڻي واري وزارت ۽ پاڻي بجلي واري وزارت کي منصوبي بابت فيصلن جو اختيار ڏنو ۽ ان کانپوءِ پوئتي هٽي وئي، ان اختلافن سبب منصوبي جي لاڳت 27 ارب 30 ڪروڙ تائين پهتي، اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدارن ۽ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا پيا وڃن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں