اليڪشن ڪميشن هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي باقي سيٽون ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو): اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن کي باقي سيٽن تان استعيفيٰ ڏيڻ جون هدايتون جاريڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي هڪ سيٽ رکڻي پوندي، قسم کڻڻ کان اڳ باقي سيٽن تان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته ڇڏيل سيٽ جي استعيفيٰ اليڪشن ڪميشن ۾جمع ڪرائڻي پوندي جيڪا چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي لکڻي پوندي.  عام چونڊن ۾ عمران خان اسلام آباد، لاهور، ميانوالي، ڪراچي ۽ بنون جي تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي. عمران خان ميانوالي جي سيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں