عمران خان پاڪ_ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائي: ڪنگنا رناوت جي اپيل

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز) نامياري بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت پاڪستان جي ايندڙ وزيراعظم عمران خان کي هٿ ٻڌي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر بڻائي. ڪنگنا رناوت عمران خان کي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪ ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب اسان جا جوان شهيد ٿي وڃن ٿا. عمران خان جي پهرين خطاب بابت ڪنگنا رناوت جو چوڻ هو ته عمران خان پهريون خطاب زبردست ڪيو، کيس هٿ ٻڌي اپيل ڪريان ٿي ته هو پاڪ ڀارت لاڳاپن کي بهتر بڻائي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں