پريٽي زنٽا جي ڏهن سالن کانپوءِ وڏي اسڪرين تي واپسي

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز) فلم دل سي سان مشهور ٿيندڙ بالي ووڊ اداڪاره پريٽي زنٽا 10 سالن کانپوءِ سلور اسڪرين تي جلوو ڏيکارڻ وڃي رهي آهي.پريٽي زنٽا فلم ”ڀائي جي سپرهٽ“ سان واپسي ڪري رهي آهي، جنهن جو اعلان هن ٽوئيٽر تي فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي ڪيو. پريٽي لکيو ته سپنا دوبي جي ”ڀائي جي سپرهٽ“ سان 19 آڪٽوبر تي وڏي اسڪرين تي واپسي هوندي. ڄاڻايل فلم ڪاميڊين آهي، فلم ۾ گينگسٽر جو ڪردار سني ديول ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ ارشد وارثي، شرياس تلپاڙي ۽ اميشا پٽيل شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں