لنڊن ٽيسٽ: بيرسٽو جي شاندار سينچري، انگلينڊ جي پوزيشن مضبوط، ڀارت کي 250 رنسن جي ليڊ

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ پوزيشن مضبوط، يقيني فتح جي ويجهو. انگلينڊ ڀارت کي 107 رنسن تي ڍير ڪرڻ بعد ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهي ٻي ٽيسٽ ۾ پنهنج پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي. ووڪس بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 120 رنسن تي ڪريز تي موجود، ڪيورن به 22 رنسن تي ناٽ آئوٽ. تفصيل موجب ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم ميدان تي لٿي ته سندن اوپنر جيننگز  11 رنسون ٺاهي محمد شامي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، انگلينڊ جو ٻيو اوپنر اليڪسٽر ڪڪ 21 رنسون ٺاهي اشانت شرما جي بال تي وڪيٽ ڪيپر ڪارٿڪ کي ڪيچ ڏئي پويلين موٽيو، ڪپتان جو روٽ 19، اولي پوپ 28، جيمز بيرسٽو 93، بٽلر 24، رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. جڏهن ته ووڪس 120 ۽ ڪيورن 22 رنسن تي ڪريز تي موجود آهن. ڀارت طرفان محمد شامي 3، ڪلديپ يادو 2 ۽ اشانت شرما هڪ شڪار ڪيو. انگلينڊ ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 6 وڪيٽون وڃائي 357 رنسون ٺاهي ڀارت کي 250 رنسن جي ليڊ ڏئي ورتي.

اپنا تبصرہ بھیجیں