ڀارت سان مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون: سرفراز احمد

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون. سرفراز احم گلشن اقبال ۾ ڪي ڊي اي ماڊل اسڪول ۾ آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته مون کي عمران خان جي حلف برداري ۾ شرڪت لاءِ دعوت نامي جو علم ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان ايشيا ڪپ لاءِ تيار آهيون، خاص طور ڀارت سان مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ڊي جي ڪي ڊي اي سميع صديقي به هو. پروگرام ۾ ٻارن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا.

اپنا تبصرہ بھیجیں