اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف اسد قيصر کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ چوڌري محمد سرور کي پنجاب جي گورنر جي عهدي لاءِ نامزد ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار جو اعلان پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان پاڻ ڪندو. اسان جو اتحادي چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر جو اميدوار هوندو، اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ ڪي پي ڪي ۽ فاٽا، ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ، سرور خان ڏکڻپنجاب، شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب، عامر ڪياني اتر پنجاب جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان رابطو ڪندا. ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ ق، جي ڊي اي، اختر مينگل ۽ ڄام ڪمال سميت تعاون ڪندڙ ميمبرن جا ٿورائتا آهيون. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ پارٽي جي مک اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وفاق، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال، مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي ۽ هم خيال پارٽين پاران مبينا ڌانڌلي جي الزامن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب وفاق پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مختلف عهدن جي حوالي سان ڪيترن ئي نالن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اسد قيصر کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ چوڌري محمد سرور کي پنجاب جي گورنر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو. اجلاس کانپوءِ سينيٽر فيصل جاويد، بابر اعواڻ، نعيم الحق ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر ۽ پنجاب جي گورنر جي عهدن لاءِ اميدوار هوندا. هن چيو ته چوڌري محمد سرور کي پارٽي پنجاب جي گورنر لاءِ نامزد ڪيو آهي جيڪو ماضي ۾ گورنر به رهي چڪو آهي ۽ هو گورنر جي آئيني ڪردار کي واقف پڻ آهي. هن چيو ته جي ڊي اي جي قيادت سان به ڳالهيون ٿيون آهن انهن به اسان جي حمايت جو اعلان ڪيوآهي. هن چيو ته سنڌ مان پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ ڳالهيون سٺيون رهيون آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان اسان سان گڏ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي اسان سمورين پارٽين جا ٿورائتا آهيون. ڪراچي جي حوالي سان هن چيو ته ڪراچي جي ترقي بنيادي مسئلو آهي. هن چيو ته 13 تاريخ تي رات جو 8 وڳي اجلاس ٿيندو جنهن جي صدارت عمران خان ڪندو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ اتحادي پارٽيون شامل هونديون. هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته ڪي پي ڪي، فاٽا ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ رابطا ڪندو. هوڏانهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو. صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر پنهنجي عهدي جو قسم کڻندا. قسم کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اجلاس جشن آزاديءَ جي موڪل کانپوءِ طلب ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزارت عظميٰ جي عهدي جو قسم کڻندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد به عمران خان جي قسم کڻڻ لاءِ 18 آگسٽ جي تاريخ مقرر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس پاران عمران خان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته خورشيد شاهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو اميدوار آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ پنجاب هائوس ۾ رهڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هو وزيراعظم جي حيثيت سان منسٽر انڪليو ۾ رهندو. اها ڳالهه پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌائي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي. هن چيو ته عمران خان جي حلف برداري جي تقريب 18 آگسٽ تي ايوانِ صدر ۾ ٿيندي جنهن جي تياري سڀاڻي کان شروع ٿي ويندي. هن چيو ته اها انتهائي سادي تقريب هوندي جنهن ۾ ڪجهه سئو ماڻهو شرڪت ڪندا. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ پنجاب هائوس ۾ نه رهڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته منسٽر انڪليو ۾ مرمت جي ڪم جو خرچ عمران خان پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟