گهڻا ئي مسئلا حل ٿي ويا آهن، ڪجهه اشوز آهن جن کي نئين حڪومت اچڻ کانپوءِ ڏسنداسين: چيف جسٽس

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پمز اسپتال ۾ غير قانوني مقرري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته گهڻائي مسئلا حل ٿي ويا آهن، پمز جي ڪجهه اشوز آهن جيڪا نئين حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ڏسنداسين. سپريم ڪورٽ ۾ پمز اسپتال ۾ غير قانوني مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اسان جواب جمع ڪرايو آهي. جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته مقرريون ٺيڪ نه ٿيون هيون. ان تي ڊاڪٽر وقار آفتاب ٻڌايو ته پمز اسپتال ۾ 3 پروجيڪٽ مڪمل ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اسان ڇنڇر يا آچر تي پمز جي دوري تي وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته گهڻائي مسئلا حل ٿي ويا آهن اسلام آباد جي شهرين کي هاڻي طبي سهولتون سٺيون ملي رهيون آهن پولي ڪلينڪ ۾ اڃا تائين مسئلا آهن، اسان ڊاڪٽر وقار کي پولي ڪلينڪ جو به پروجيڪٽ ڏئي ڇڏيون ٿا، اسپتالن جي حالت هاڻي بهتر ٿي رهيون آهن پمز جا ڪجهه مسئلا آهن جيڪا نئين حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ڏسنداسين. سپريم ڪورٽ پمز اسپتال ۾ غير قانوني مقرري ڪيس جي ٻڌڻي آگسٽ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ، اين آءِ سي ايل اسڪينڊل  ۾ نيب کي اياز خان نيازي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو هو، اهو ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ جيڪو پاڪستان ۾ رهي ٿو، ان کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ٿو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته اياز خان نيازي خلاف 2 معاملن تي جاچ جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ڇو جاچ دوران ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺندو آهي. چيف جسٽس چيو ته جن کي گرفتار ڪرڻو هوندو آهي، نيب وارا انهن خلاف ڪارروائي ناهن ڪندا، کيس سڀني معاملن کي ڄاڻ آهي. سپريم ڪورٽ نيب کي اياز خان نيازي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں