وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس سومر 13 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو، پهرئين ڏينهن ميمبر حلف کڻندا

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ۾ حڪومت سازي لاءِ صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سومر 13 آگسٽ تي سڏايو ويو آهي وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس سومر 13 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي اجلاس جي پهرين ڏينهن نوان چونڊجي آيل ميمبر پنهنجي رڪنيت  جو حلف کڻندا جاري ڪيل شيڊيول موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ آگسٽ ۽ وڏي وزير جي لاءِ 17 آگسٽ تي چونڊ ٿيندي قائد ايوان وڏي وزير جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 15 آگسٽ تي جمع ٿيندا 16 آگسٽ تي اسڪروٽني  ۽ 17 آگسٽ تي چونڊ ٿيندي نئون وڏو وزير 17 آگسٽ تي ئي شام جو پنهنجي عهدي جو حلف کڻدو قانوني ماهر موجب گورنر سنڌ محمد زبير جي استعيفيٰ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دران جي وقتي گورنر سنڌ ٿيڻ سبب آغا سراج دراني حلف نه کڻي نه وٺي سگهندو پر هو قانوني طور سنڌ اسيمبلي ۾اسپيڪر جي ذميوارين لاءِ ڪنهن ٻئي ماڻهن کي نامزد ڪري سگهي ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں