ادارن خلاف ڳالهائڻ سبب فضل الرحمان سان گڏ نه ٿا هلي سگهون: بلاول

ڪراچي (چيف رپورٽر) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارن جي خلاف بيانن تي پيپلزپارٽي فصل الرحمان سان گڏ نٿي بيهي سگهي خورشيد شاهه، شيرين رحمان ۽ وڌيڪ مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ڪندا پي ٽي آءِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي ويئي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري مولانا فصل الرحمان جي بيان تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو هن چيو ته اپوزيشن اتحاد ۾ صرف چونڊ ڌانڌلي تي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ادارن جي خلاف ڪنهن بيان جو حصو نه بڻايو وڃي پارليامينٽ جي اندر موثر احتجاج ۽ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي ياد رهي ته پ پ پ جو اجلاس گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو هو. ذريعن موجب پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 13 آگسٽ تي گهرايل قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس بابت رٿابندي جوڙيندي اليڪشن 2018ع ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ايوان ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر ٻڌايو ته پارٽي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ۽ ايندڙ پارلياماني سياست کي غور هيٺ آندو ويو. هن ٻڌايو ته اسان اسپيڪر جي اميدوار لاءِ خورشيد شاهه جو نالو ڏنو آهي ۽ ان عهدي لاءِ آخري حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان کانسواءِ مخالف ڌر طور پارٽي جي ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول هائوس ۾ پ پ جي چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ سينيئر پارٽي اڳواڻ ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه جي ڪاميابيءَ جو امڪان موجود آهي. بلاول زرداري اجلاس دوران پارٽي جي ست ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو. ان ڪميٽي جو بنيادي مقصد سياسي پارٽين سان گڏجي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ هو. ڇا بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارلياماني ڪيريئر جو آغاز احتجاج سان ڪندو جنهن جي جواب ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان ان چونڊ کي پهرين به رد ڪري چڪا آهيون ۽ چونڊن جي طريقيڪار تي پنهنجي خدشن جو اظهار به ڪري چڪا آهيون.

اپنا تبصرہ بھیجیں