عمران خان، اياز صادق، فضل الرحمان ۽ پرويز خٽڪ گٿا لفظ ڳالهائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام  آباد  (بيورو) اليڪشن ڪميشن اڻ وڻندڙ ٻولي ڳالهائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان ، پرويز خٽڪ، اياز صادق ۽ مولانا فضل الرحمان جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ،  عمران خان ، اڳوڻي ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ مولانا فضل الرحمان خلاف اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ تي ضابطن جي خلاف ورزي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . اليڪشن ڪميشن ۾ اياز صادق جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ ۽ عمران خان جي وڪيل جي وڪيل بابر اعواڻ ۽ پرويز خٽڪ به اڻ وڻندڙ ٻولي ڳالهائڻ تي عدالت کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي . مولانا فضل الرحمان جي وڪيل به معذرت ڪئي. اياز صادق جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ موقف اختيار ڪيو ته  هو پنهنجي اصيل طرفان معافي وٺي ٿو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي اياز صادق جي وڊيو ڪلپ هلائي وئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڏسو اياز صادق چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪهڙي اوقات آهي، اياز صادق جي وڪيل هڪ دفعو ٻيهر معافي ورتي. پرويز خٽڪ ۽ مولانا فضل الرحمان جي وڪيل به گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي معافي ورتي. اليڪشن ڪميشن ٽنهي جي معافي قبول ڪندي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا لفظ استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائڻ سان گڏ پرويز خٽڪ جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عمران خان طرفان جواب جمع ڪرائيندي بابر اعواڻ چيو ته ڄاڻي ٻجهي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بيلٽ پيپرز جي رازداري جي معاملي تي جواب قبول ناهي، ووٽ جي رازداري معاملي تي دليل ڏيو. بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته 150 کان وڌيڪ ماڻهو پولنگ اسٽيشن اندر گهڙي ويا، عمران خان کي پيهه سبب سڀني سامهون ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو پئجي ويو. اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز جي رازداري ۽ گٿن لفظن جي معاملي تي معافي قبول ڪندي سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف ووٽ جي رازداري بابت ڪيس ۾ بابر اعواڻ جو تحريري جواب رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سربراهه کان حلفي بيان ۽ سندس صحيح ٿيل معافي نامو طلب ڪيو ويو. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اين اي 53 اسلام آباد جي پولنگ اسٽيشن ويو هو، جتي هن پولنگ بوٿ پويان مهر لڳائڻ بدران صحافين سامهون ئي بيلٽ پيپر تي مهر هنئي هئي، جنهن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ عمران خان خلاف ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه جو وڪيل بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ معافي گهري. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ معافي جو معاملو ناهي، عمران خان ووٽ جي رازداري بابت جواب ناهي ڏنو. ان تي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان طرفان ووٽ جي رازداري تي جواب جمع ڪرايان ٿو. اليڪشن ڪميشن بابر اعواڻ طرفان تحريري جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي بابر اعواڻ طرفان جمع ڪرايل تحريري جواب رد ڪري ڇڏيو ۽ عمران خان کان حلفي بيان سميت سندس صحيح ٿيل معافي نامو طلب ڪيو. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں