اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ننڍي پور ڪرپشن ڪيس ۾ ريفرنسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم. تفصيل موجب چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نندي پور پاور پراجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت نيب کان تفصيل طلب ڪري ورتا، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيو، جڏهن ته نيب جي وڪيل جي عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته نندي پور منصوبي خلاف جاچ ٻڌڻي هيٺ آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪڏهن کان ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ نيب ۾ گڏيل طور تي ڪيتريون جاچ ٻڌڻي هيٺ آهن؟. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 20 فيبروري 2017ع تي جاچ شروع ٿي چڪي آهي، قانون واري وزارت 2 سال دير ڪئي، پر هاڻي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب کان ٻڌڻي هيٺ ريفرنسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نندي پور پاور پراجيڪٽ پنجاب ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو، جنهن ذريعي 525 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر مختلف سياسي پارٽين پاران منصوبي ۾ ڪرپشن جا الزام مڙهيا ويا. رپورٽن مطابق 2005ع ۾ ٺهندڙ نندي پور پاور پراجيڪٽ جي لاڳت 22 ارب کان وڌي 58 ارب رپيا تائين وڃي پهتي هئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ انندي پور پاور پراجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيو ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته نندي پور منصوبي خلاف جاچ ٻڌڻي هيٺ آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪڏهن کان ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ نيب ۾ گڏيل طور تي ڪيتريون جاچ ٻڌڻي هيٺ آهن؟ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته 20 فيبروري 2017ع تي جاچ شروع ٿي چڪي آهي، قانون واري وزارت 2 سال دير ڪئي، پر هاڻي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي. هن ٻڌايو ته نندي پور منصوبو آئوٽ سروس ڪرڻ جي جاچ جون 2018ع ۾ شروع ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان کي ذميوار جو تعين ڪرڻو آهي، دير جو ذميوار ڪير آهي؟ اڳوڻي نيب چيئرمين قمر زمان جي خبر وٺو، اهو اسلام آباد ۾ آهي؟ ڇونه دير تي اڳوڻي نيب چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪريون؟ ان موقعي تي چيف جسٽس نيب کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته نيب ايترا ڏينهن ڪارروائي ۾ لڳائي ڇڏي ٿي، ڪيس الماڙين ۾ رکيا وڃن ٿا، ڇا نيب کي کلي ڇوٽ مليل آهي؟ چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جاچ آفيسر جاچ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.سپريم ڪورٽ، ننديپور پاور پروجيڪٽ منصوبي جي 6 هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جاچ جلد مڪمل ڪري نتيجن کان آگاهه ڪيو وڃي .
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟