حسين حقاني کي نيب قانون ذريعي ئي واپس آڻي سگهجي ٿو: سپريم ڪورٽ کي آگاهي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته حسين حقاني کي ريڊ وارنٽ نه پر نيب قانون تحت ئي واپس آڻي سگهجي ٿو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالتي معاون ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ جوابدارن جي مٽاسٽا بابت ٺاهه ناهي، حسين حقاني کي ريڊ وارنٽ جاري ٿيڻ تي واپس نه ٿو گهرائي سگهجي. عدالتي معاون قانون جو ڊرافٽ پيش ڪندي چيو ته حسين حقاني کي توهين عدالت ڪيس ۾ وطن آڻڻ ممڪن ناهي، اڳوڻي سفير کي نيب قانون تحت ئي واپس آڻي سگهجي ٿو.  عدالتي معاون چيو ته سفارتخانو فنڊن ۾ خرد برد ڪيس حسين حقاني کي واپس آڻڻ لاءِ اهم آهي، اڳوڻي سفير کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي. عدالت چيو ته عدالتي معاون احمد بلال صوفي تجويزون اٽارني جنرل کي فراهم ڪري ۽ اٽارني جنرل پنهنجي راءِ ڏي. عدالت نيب کان به راءِ طلب ڪندي ميمو ڪميشن ڪيش جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اپنا تبصرہ بھیجیں