احتساب عدالت نوازشريف کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واجد ضياءُ به طلب

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسن جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضيا کي سومر ڏينهن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . احتساب عدالت نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ نواز شريف خلاف نيب ريفرنسن جي ٻڌڻي ڪئي . واضح رهي ته 7 آگسٽ تي لاهور هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسن جي منتقلي بابت نواز شريف جي درخواست منظور ڪندي ريفرنسن کي احتساب عدالت هڪ جي جج محمد بشير کان احتساب عدالت 2 جي جج محمد ارشد ڏانهن منتقل ڪيو هو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں