گڏيل اپوزيشن جو ڌانڌلين خلاف احتجاج، پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد/ڪراچي (رپورٽر): گڏيل اپوزيشن پاران مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج جاري آهي، مخالف جماعتن ڌانڌلين خلاف پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ گڏيل مخالف ڌر جي پارٽين پاران صوبائي اليڪشن ڪميشن آڏو چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  مظاهري ۾ ايم ايم اي ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي ڊي اي ، اي اين پي ، جماعت اسلامي سميت مخالف ڌر جي ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي ايم ايم اي جي اڳواڻ راشد محمود سومري چونڊ نتيجن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ملڪ ۾ ٻيهر صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ميڙ کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته پنهنجي لاڏلن کي کٽرائڻ لاءِ اسان کي 48 ڪلاڪن تائين نتيجو نه ڏنو ويو ، بيلٽ پيپر اسڪولن مان ، پرزائيڊنگ آفيسرن جي گهرن مان  ۽ ڪچري جي ڍيرن مان ڇو ملي رهيا هئا ؟ هن چيو ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ  جيڪڏهن ڏوهه آهي ته مان اهڙي نظام کان باغي آهيان . راشد محمود جو چوڻ هوته جيڪڏهن اسان جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته گهٽي گهٽي ۾ اوهان جي خلاف دمادم مست قلندر ٿيندو . هن چيو ته اسان هن ملڪ جي چوڪيداري ڪنداسين، هڪ ڪوڙي ڊاڪٽر کي ٽي وي تي آڻي اسان جي قائد فضل الرحمان خلاف تنقيد ڪرائي وئي . هن چيو ته اسان چونڊ نتيجن کي نه ٿا مڃون ، 14 آگسٽ، اسان آزادي جي جدوجهد طور ملهائينداسين .سندس چوڻ هو ته نوابشاهه ۾ جي يو آءِ ف گرو پ جي 150 ڪارڪنن تي ناحق ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن . راشد محمود سومري چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر ايف آءِ آر واپس نه ورتيون ويون ته ڪارڪن روڊن تي نڪري ايندا هوڏانهن لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ پ پ، ن ليگ اي اين پي ۽ مجلس عمل جي ڪارڪنن پاران اليڪشن ڪميشن جي آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

اپنا تبصرہ بھیجیں