پاڻ کي هر لحاظ سان ڏسي خوش ٿيندي آهيان: ڪرينا ڪپور

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي هر لحاظ کان ڏسي خوش ٿيندي آهيان. بيبو گرل جي نالي سان مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي سمارٽنيس سبب به شهرت رکي ٿي. پنهنجي پٽ تيمور جي پيدائش کانپوءِ ٿولهه جي حوالي سان ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته ڳورهاري ٿيڻ ۽ ٻار ڄڻڻ کانپوءِ وزن وڌڻ فطري هو ۽ ماءُ بڻجڻ جو احساس به ڏاڍو خوشگوار آهي، مان ان وقت به ٿولهه ۽ شيپ سائز مان خوش هيس پر هاڻ ٻيهر فٽينس فارم ۾ واپس اچي رهي آهيان. وزن گهٽائڻ جي حوالي سان اداڪارا جو چوڻ هو ته مان پهرين رائونڊ ۾ 20 ۽ ٻئي رائونڊ ۾ 32 ڪلو وزن گهٽ ڪيو. واضح رهي ته ڪرينا ڪپور جي آخري رليز ٿيل فلم ”ويري دي ويڊنگ“ آهي، جنهن باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں