شاهد ڪپور جب وي ميٽ جي سيڪوئل ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور هدايتڪار امتياز علي جي ايندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شاهد ڪپور بابت خبرون سامهون اچي رهيون هيون ته هو 2007ع ۾ ٺهندڙ مشهور فلم ”جب وي ميٽ“ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر هدايتڪار اميتاز علي جي ايندڙ فلم ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو پر ڪجهه مهينا گذرڻ کانپوءِ جڏهن فلم کي ڪو پروڊيوسر نه مليو ته شاهد ڪپور ان جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻ امتياز علي کي نئين اداڪار جي ڳولا آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں