تامل ناڊو پريميئر ليگ: ڊنڊيگل ڊريگنس 75 رنسن تان مدورائي پينٿرز کي شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي وئي

ڊنڊيگل(اسپورٽس نيوز) تامل ناڊو پريميئر ليگ ۾ ڊنڊيگل ڊريگنس 75 رنسن تان مدورائي پينٿرز کي شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي وئي. ڊنڊيگل ڊريگنس ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان ت 203 رنسون ٺاهيون. هري نشانٿ 57، وويڪ 54، ڪپتان جگاديسن 43 ۽ بلچندر انيرڌ 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. مدورائي پينٿرز طرفان جگاناٿ سنيوس 3، اڀيشيڪ تنور، ڪارٿيڪين ۽ ڪوسڪ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. مڌورائي پينٿرز 204 رنسن جو پهاڙ جيڏي هدف جو پيڇو ڪندي فقط 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اڀيشڪ تنور 28، ڪارٿيڪين 19 ۽ شجت چندرن 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڊنڊيگل ڊريگنس طرفان محمد 3، ٽريلوڪ ناگ ۽ موهن اڀينو 2-2، سلامباراسن ۽ وارن توتاري هڪ هڪ شڪار ڪيو. اهڙي طرح ڊنڊيگل ڊريگنس 75 رنسن تان مدورائي پينٿرز کي شڪست ڏئي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. وويڪ کي 54 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں