برطانيا: ڪڻڪ جي پيداوار ……

0Shares

برطانيا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار پنجن سالن جي سراسري شرح کان گهٽ رهڻ جو امڪان

 لنڊن: برطانيا چيو آهي ته هلندڙ سال دوران ان جي ڪڻڪ جي پيداوار 5 سال جي سراسري شرح کان گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن جو سبب ڊگهي سوڪهڙي جي صورتحال آهي.ايگريڪلچر اينڊ هارٽيڪلچر ڊولپمينٽ بورڊ طرفان جاري رپورٽ مطابق هلندڙ سال  ڪڻڪ جي ڏيهي پيداوار 13.5 ملين ٽن رهڻ جو امڪان آهي جيڪا 5 سال جي سراسري پيداوار کان گهٽ آهي. 2017ع دوران برطانيا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 14.8 ملين ٽن رهي هئي.بورڊ جو چوڻ آهي ته فصل جي ابتدائي برداشت دوران  سراسري پيداوار 7.8-7.6 ٽن في هيڪٽر رهڻ جو امڪان آهي جيڪا گذريل 5 سال جي سراسري پيداوار 8.2 ٽن في هيڪٽر کان گهڻو وڌيڪ آهي. بورڊ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ڪڻڪ جي 25 سيڪڙو برداشت مڪمل ٿي چڪي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں