قطر :تيل جي سرڪاري اگهه …..

قطر بحري جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي تيل جي سرڪاري اگهه ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

 دوحا: قطر جي حڪومت پنهنجن بحري جهازن ۾ استعمال  ٿيندڙ ڪچي تيل (ميرين ڪروڊ) جو جولاءِ جو سرڪاري اگهه 74 ڊالر 10 سينٽس في بيرل مان گهٽ ڪري 73 ڊالر 55  سينٽس في بيرل ڪري ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق قطر ميرين ڪروڊ جي اگهن ۾ اها لاٿ دبئي جي ڀيٽ ۾ 43 سينٽ وڌيڪ آهي، جڏهن ته گذريل مهيني جي اگهه جي ڀيٽ ۾ 8 سينٽ في بيرل گهٽ آهي. حڪومت طرفان جولاءِ لاءِ لينڊ ڪروڊ جو سرڪاري اگهه 75 ڊالر 25 سينٽس في بيرل مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو اڳوڻي اگهه 76 ڊالر 15 سينٽس في بيرل کان گهٽ آهي. ڪچي تيل جي اگهه ۾ اها لاٿ واپارين جي اميدن کان وڌيڪ آهي. 

اپنا تبصرہ بھیجیں