آمريڪا : سون جي قيمتن …

0Shares

آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ

 نيويارڪ: آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جو سبب ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح ۾ گهٽتائي آهي. نيويارڪ ۾ اسپاٽ گولڊ جون قيمتون 0.3 سيڪڙو وڌي 1210.06 ڊالر في اونس رهيون.آمريڪي سون جا ڊسمبر لاءِ سودا 60 سينٽ اصافي سان 1218.30 ڊالر في اونس رهيا. لنڊن ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.4 سيڪڙو وڌي 1211.37 ڊالر في اونس رهيا. آمريڪي سون جا سودا 0.1 سيڪڙو اضافي سان 1219.10 ڊالر في اونس ۾ طئي ٿيا.ايشيا ۾ اسپاٽ گولڊ جون قيمتون 0.4 سيڪڙو وڌي 1210.99 ڊالر في اونس رهيون. آمريڪي سون جا سودا 1217.6 ڊالر في اونس تي فليٽ رهيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں