ايران :تيل مهانگو…

0Shares

ايران تي آمريڪي پابندين سان تيل مهانگو ٿي سگهي ٿو: اقتصادي ماهرن جو خدشو

 واشنگٽن: ايران جي سامان تي آمريڪي پابنديون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ تيزي آئي آهي جنهن سان اقتصادي ماهر اهو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته نومبر ۾ ايران جي تيل جي برآمدات تي پابندي لڳڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي گهٽجي سگهي ٿي ۽ ان جون قيمتون وڌي سگهجن ٿيون.ذريعن موجب اوپيڪ جي ميمبر ملڪ ايران تي آمريڪي پابنديون رات 12 وڳي کان شروع ٿيون پر ان ۾ ايراني تيل جي برآمد شامل نه آهي. ايران جولاءِ جي مهيني ۾ روزانو اٽڪل 30 لک بيرل ڪرائوڊ آئل برآمد ڪيو هو هن وقت جيڪي پابنديون لڳايون ويون آهن ان ۾ آمريڪي ڊالرن جي خريد ۽ ڌاتن جو واپار، ڪوئلو، تجارتي سافٽويئر ۽ موٽر سازي جو شعبو شامل آهي.آمريڪي ايران جي انرجي سيڪٽر تي 180 ڏينهن کانپوءِ پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن تي عمل 4 نومبر کان ٿي ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں