عورتون مردن سان گڏ….

0Shares

عورتون مردن سان گڏ گهٽ ۽ عورتن سان گڏ وڌيڪ کائينديون آهن: نئين تحقيق

 حيدرآباد: جديد طبي تحقيق مطابق کائڻ وقت عورتون ٻٽي شخصيت جو شڪار ٿي وينديون آهن، مردن سان گڏ کائڻ وقت گهٽ ۽ خوراڪ ۾ شامل ڪيلوريز ۽ ناشتي وارين شين جو خيال رکنديون آهن، جڏهن ته اڪيلائي يا ٻين عورتن سان گڏ کائڻ وقت سڀئي احتياط هڪ طرف رکنديون آهن.تازي تحقيق ۾ عورتن جي ان مخصوص ذهني ڪيفيت ۽ کائڻ ۾ ڪيلوريز جي تعداد وچ ۾ تعلق کي ڏٺو ويو. تحقيق موجب مردن ۽ عورتن ۾ اختلاف رڳو کائڻ پيئڻ جي حد تائين نه پر ٻين عملن ۾ پڻ موجود هوندا آهن. تحقيق موجب 100 مان 80 عورتون ان نمايان فرق سان زندگي گذاري رهيون آهن.ان تحقيق کي تيار ڪرڻ لاءِ 10 هزار کان وڌيڪ عورتن جو کائڻ پيئڻ دوران تجزياتي انٽرويو ڪيو ويو. ماهرن موجب عورتون خوراڪ جي لذت ۽ بک جي شدت تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هونديون آهن.

0Shares
کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں