اسپرين جي گوري….

اسپرين جي گوري دماغي مرضن کان به بچائيندي آهي: نئين تحقيق

نيويارڪ: هڪ نئين مطالعي مان خبر پئي آهي ته ڪيترن ئي مرضن کان بچائيندڙ جادوئي اسپرين جي گوري هاڻ دماغ ۾ ٻهاري جو ڪم ڪندي خراب مادي کي ٻاهر ڪڍندي آهي ۽ اهڙي طرح هو الزائمر ۽ ڊيمينشيا جهڙي مرض جي خطري کي ٽاريندي آهي ۽ الزائيمر جي مرض جي شدت کي به گهٽ ڪندي آهي.ڪوئن تي ڪيل تجربن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسپرين دماغ جي ان زهريلي پروٽين کي ختم ڪندي آهي جيڪي صحت جي دماغي خلين کي تباهه ڪندا رهندا آهن ايتري تائين جو اسپرين جي گهٽ مقدار به تمام اثرائتي ثابت ٿيندي آهي.شڪاگو ۾ رش يونيورسٽي جي ميڊيڪل سينٽر ۾ سائنسدانن جي هڪ ٽيم ڪوئن تي تجربن ۾ ثابت ڪيو آحي ته اسپرين دماغ مان خلين جي وڄ خراب مادي کي صاف ڪندي آهي ۽ الزائيمر سميت ڪيترن ئي مرضن کي ختم ڪندي آهي، ان کي اميد آهي ته ڪوئن کانپوءِ انسانن تي به اهو تجربو ڪامياب رهندو.رش يونيورسٽي جي پروفيسر ڪالي پاڊا پاهن ٻڌايو ته الزائيمر کي وڌڻ کان روڪيندڙ ڪابه دوا اسان وٽ ناهي پر اسپرين ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں